ابودهابي ۾، هندي، سرڪاري عدالتي سرشتي جي ٽين سرڪاري ٻولي

ابودهابيءَ انصاف جي حاصلات کي آسان بڻائڻ لاءِ عدالتن ۾ عربي ۽ انگريزيءَ سان گڏوگڏ هنديءَ کي به ٽين سرڪاري ٻولي ڪري شامل ڪيو آهي

ابودهابيءَ جي انصاف واري کاتي چيو ته هنديءَ کي شامل ڪري عدالتن ۾ دعوائون داخل ڪرڻ لاءِ ڪم ايندڙ دستاويزن کي ڪم آڻڻ جو طريقو آسان بڻايو ويو آهي

اسان جي مغربي ايشيا واري خاتوءَ چيو آهي ته يو.اي.ايِ. يعني متحد اميرات ۾ اٽڪل 33 لک هندستاني ڪمي رهندا آهن. ان قدم سان هندي ڳالهائيندڙن کي عدالتي سرشتي، اُنهن جي حقن ۽ فرضن جي خبر پوندي

گذريل ڪجھ 5 سالن دوران هند ۽ متحد اميرات وچـ۾ ناتا اوڄ تي آهن جڏهن کان ٻنهي ملڪن وچـ۾ باهمي رشتا مضبوط ڪرڻ لاءِ اوچ سطح تي دورا ٿيا آهن