اميريڪا اُترڪوريا ٽرمپ ‐ ڪِمِ جي چوٽي گڏجاڻيءَ کان اڳ ملاقات ڪندا 

ڏکڻ ڪوريا جي عملادارن آرتوار ڏينهن چيو ته دير فئبروري ۾ اميريڪا ۽ اُتر ڪوريا جي ٻين سمٽ گڏجاڻي کان اڳ هن مهيني هڪ اڄاتل ايشيائي ملڪ ۾ گڏجاڻي ٿيندي

ڏکڻ ڪوريا جي صدارتي دفتر چيو ته اميريڪي اُتر ڪوريا جي بعد واري گڏجاڻي گھڻو ڪري ايندڙ هفتي ٿيندي

اميريڪا جي ڏکڻ ڪوريا ۾ خاص عيوضي اسٽيفن بيگن ويئتنام سمِٽ جي تفصيلن تي ڪم ڪرڻ لاءِ گذريل هفتي پييونگيانگ جو دورو ڪيو هو. جيئن هڪ ٻئي مان ڄاڻ حاصل ڪن ته ڪهڙا ٺوس قدم کنيا وڃن

اميريڪي وزارت خارج جي بيان مطابق بيگن ۽ اُتر ڪوريا جي اميريڪي معاملن جي خاص عيوضي ٽرمپ ۽ ڪِم جي سنگاپور سمِٽ دوران ڪوريائي اُپٻيٽ تي دائما صلح ۽ غيرنيوڪليئائي بڻائڻ واري مشق جي قول ٻڌائي کان پوءِ ايندڙ گڏجاڻيءَ کي وقت کان اڳ ۾ ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون