بين الاقوامي فنڊ جي سربراھ بريڪسٽ جي للڪار تي برطانيه کي آگاھ ڪيو آهي

بين الاقوامي مالي فنڊ جي سربراھ ڪرسٽين لگارڊي برطانيه کي آگاھ ڪيو آهي ته اُن جي يورپي برادريءَ مان ٻاهر نڪرڻ جو مطلب ٿيندو ته اِهو واقعو ملڪ جي هن وقت جي اقتصاديت تي غلط اثر ڇڏيندو

آرتوار ڏينهن دبئي ۾ عالمي سرڪاري سمِٽ ۾ ڳالهائيندي شريمتي لگارڊي برطانيه پاران يورپي برادريءَ مان ٻاهر نڪرڻ جي قدم کي غلط ڄاڻايو

برطانيه مارچ 29 تي يورپي برادريءَ مان رخصت وٺندو. اميريڪي ڌنڌورين کي ڊپ آهي ته ٻاهر نڪرڻ بابت ڪوئي به نتيجو نه نڪرڻ سان برطانيه ۽ يورپي سرزمين وارن ملڪن وچـ۾ اقتصادي بحران پئدا ٿي سگھي ٿو، جو نوان محصول لڳندا