وڏو بار کڻندڙ 15 چينوڪ هيليڪاپٽرن مان پهريون هندستان پهتو

ڀارتي هوائي فوج پاران خريديل وڏو بار کڻندڙ 15 چينوڪ هيليڪاپٽرن مان پهريون ڪلھ هندستان ۾ آيو. اهو سي.ايڇ. 47 ايف (1) گجرات جي مُندرا بندرگاھ ۾ پهتو، جنهن کي پوءِ چنديگڙھ ۾ سندس اڏي ڏانهن روانو ڪيو ويندو

چينوڪ هيليڪاپٽرن کي جوڙڻ واري صنعت بوئينگ، هيليڪاپٽر جي وارد ٿيڻ تي چيو ته ان سان هوائي فوج جي بار کڻڻ جي قوت ۾ ڪافي اضافو ايندو. اهو هيليڪاپٽر جيڪو 10 ٽن کن بار کڻي سگھي ٿو اُن کي وقت کان اڳـ۾ فوج کي سونپيو ويو آهي

ڀارت ۾، سيپٽمبر 2015 ۾ 15 چينوڪ ۽ 22 اپاچي حملاور هيليڪاپٽرن خريد ڪرڻ لاءِ اميريڪا سان 3 بلين ڊالر رقم جيترو سودو ڪيو هو