” چين جو واھيات اعتراض “

جيئن انومان لڳايو پئي ويو، چين، وزيراعظم نريندر موديءَ جي شمالي مشرقي صوبي اروناچل پرديش ۾ سيلا وٽ اُن کي تاوانگ سان ڳنڍڻ واري زيرزمين لنگھ جي تعميرات تي اعتراض ورتو آهي. چين جو اهو ردعمل ڪو نئون نه آهي ۽ اهو سندس اڳ رٿيل هميشه وارو طور طريقو آهي. اهڙا اعتراض ڪيترن ڏهاڪن کان هر سال ورتا پئي ويا آهن جڏهن کان اروناچل پرديش صوبي جي صورت ۾ اُڀري نمايان ٿيو

فئبروري 2015 ۾، محترم موديءَ هڪ ريلوي اسٽيشن جو افتتاح ڪرڻ لاءِ اروناچل جو دورو ڪيو هو جتي هُن  هڪ توانائي منصوبي جو پيڙھ پٿر پڻ وڌو. چين جي نائب وزير خارجه ان تي سخت اعتراض وٺندي مخالفت ڪئي. اعتراض ظاهر ڪندي  هُنن چين ۾ هندستان جي ايلچيءَ کي طلب ڪيو. 2017 ۾، دلائي لاما جي اروناچل پرديش ۾ اچڻ تي پڻ ساڳيو اعتراض ورجايو ويو، ساڳئي طرح 2018 ۾ پرڌان منتريءَ جي دوري بابت سخت نقطه چيني ڪئي. نومبر 2008 ۾، اُن وقت جي وزير خارجه پرنب مُڪرجيءَ جي تاوانگ واري دوري ۾ ظاهر ڪيو ويو ته صوبي جا ٻه چونڊيل عيوضي هند جي پارلامينٽ ۾ صوبي جو عيوضيپڻو ڪري رهيا آهن، جيڪا ڳالھ ديش جي چُست جمهوري سرشتي کي نمايان ڪري ٿي. انڪري اروناچل يا اُن جي ڪنهن به ٽڪڙي جو هندستان کان الڳ ٿيڻ جو ڪوئي سوال ئي نه ٿو اُٿي. بهرحال، چين دوري تي افسوس ظاهر ڪيو

آڪٽوبر 2016 ۾، اميريڪي ايلچي رچرڊ ورما صوبي جي مکيه وزير جي نينڍ تي، صوبي جو دورو ڪيو. گھڻو اڳ 1962 ۾ اميريڪي وزارت خارجه صاف طور چيو ته ميڪموهن لائين چين ۽ هند جي وچـ۾ سرحد آهي، باوجود ان جي چين اعتراض ڪندو رهي ٿو.

چين، اروناچل پرديش بابت ڪجھ ڪرڻ جي حالت ۾ نه آهي پر هُو اروناچل پرديش مان چين ڏانهن ويندڙ ممڪن ماڻهن لاءِ آزار ثابت ٿيو آهي. اُن صوبي جي عملدارن لاءِ ويزا جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. عام ماڻهن لاءِ اُن چُٽڪي لڳل ويزا جاري ڪئي آهي، جنهن سان هُو ملڪ کان ٻاهر نڪري نه ٿا سگھن

لوڪ سڀا جي 2014 واري چونڊن دوران پنهنجي پارٽيءَ جي پرچار لاءِ شري موديءَ اروناچل جي پاسي گھاٽ ۾ پير رکيو جنهن تي ساندھ سرحدون اڳتي وڌائيندڙ چين اعتراض ورتو جيڪا ڳالھ علاقائي سلامتي ۽ صلح لاءِ واجب نه آهي. 2014 ۾، اختياري ماڻڻ کانپوءِ وزيراعظم نريندر موديءَ چين ڏانهن سخت رُخ اختيار ڪندي، ‘هڪُ چين پاليسيءَ’ بابت هند جي قول ٻڌائيءَ جي بدلي چين کان به ساڳي اميد رکي آهي. چين وٽان شفي واپسي نه ملڻ جي حالت ۾ هند چين سان لڳندڙ سرحدي ايراضين ۾ بنيادي ڍانچي جي تعمير، سرحدي ايراضين ۾ ماڻهن جي بحالي ۽ هوائي جھازن لهڻ وارين ايراضين ۾ ڍنگائيتا هوائي اڏا برپا ڪرڻ شروع ڪيا آهن

نئي دهليءَ سامهون هڪ ڳالھ صاف آهي ته محترم مودي ۽ صدر شي جنپنگ وچـ۾ ووهان ۾ سمِٽ گڏجاڻي جي باوجود چين بنا ڪنهن سبب اروناچل پرديش جو راڳرو آلاپيندو رهي ٿو. هند پنهنجي خود اختيار جي حفاظت لاءِ هرممڪن قدم کڻندو. چين ٻنهي ملڪن وچـ۾ جھڳڙي هيٺ آيل اَڪسائي چين ۾ فوجي اڏا برپا ڪندو رهي ٿو. چيني اڳواڻن کي گھرجي ته اُهي هند‐چين سرحد وٽ صلح ۽ شانتيءَ لاءِ ضروري قدمن جو احترام ڪن

تحرير : سريڪانت ڪونڊپلي

ترجمو : هيمن ڀاٽيه