” ڀارتي زرعي مال جي چين ڏانهن روانگي واپار کي فروغ مليو “

چالو مالي سال جي پهرين نون مهينن دوران ڀارتي زرعي مال جي چين ڏانهن روانگيءَ ۾ اٽڪل %70 جيتري سٺي واڌ ٿي آهي. چين جي اميريڪا سان واپار جي ڏِس ۾ تُلخ ڪلاميءَ بعد چين ڀارتي زرعي مال لاءِ وڌيڪ دروازا کوليا آهن. چين ڀارت مان جيڪو ساليانو اميريڪي 8.7 بلين ڊالرن جو زرعي مال ڀارت مان گھرائڻ جو بندوبست رکيو آهي سا آجيان لائق ڳالھ آهي. ڀارتي زرعي مال لاءِ دنيا ڀر ۾ مقبوليت وڌي رهي آهي جو گھڻن ئي ملڪن اُن لاءِ دروازا کوليا آهن. زرعي مال ۽ پروسيس ڪيل کاڌن جي روانگيءَ واري اختياري (اي.پي.اي.ڊي.اي)، پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته گذريل سال اپريل کان نومبر تائين عرصي ۾ چين ڀارت مان 453 ڪروڙ روپين جو مال خريد ڪيو جڏهن ته اُن کان اڳ واري سال جي ساڳئي عرصي دوران اُن 267 ڪروڙ روپين جو مال خريد ڪيو هئو، يعنيٰ ته اُن ۾ %69 جي واڌ ٿي. انگ اکر اهڙا آثار ڏين ٿا ته ايندڙ ٽن مهينن دوران جيڪا واڌ ٿيندي سا سڄي مالي سال واري واڌ کي ٻٽو ڪري ڇڏيندي

چين ۽ اميريڪا وچـ۾ واپار واري تلخ ڪلاميءَ جي نتيجي تي سڄي دنيا باريڪيءَ سان نظر رکي رهي آهي. چين اميريڪا مان سويابين گھرائڻ تي %25 ڍل مڙهي آهي. ساڳئي وقت اُن ايشيائي ملڪن مان سويابين گھرائڻ تان ڍلون هٽائي  ڇڏيون آهن، اِن سبب مڌيه پرديش، مهارشٽرا، گجرات ۾ وڏي تعداد ۾ ڪسانن سويابين جي پوک شروع ڪئي آهي. چين چانورن جو سٺو خريدار آهي. ڀارت ۾ چانور ضرورت کان وڌيڪ ٿيندا آهن. اڃا سٺا وجھ پئدا ڪرڻ لاءِ چين تازوئي ڀارت مان غير باسمتي چانورن جي خريداريءَ جي به اجازت ڏني آهي. اِن کان علاوه ڀارت هاڻي چين ڏانهن داليون به موڪلي رهيو آهي، اِن سبب ڀارتي ڪسانن کي رڪارڊ ٽوڙ مقدار ۾ داليون پئدا ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي جيئن واڌو پئداوار چين ڏانهن موڪلي سگھن.

بهرحال اِها ڳالھ به ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته باهمي واپار ۾ ڀارت جي چين سان واپار ۾ کوٽ تمام گھڻي آهي. اُها واپاري کوٽ گذريل مالي سال ۾ 63 بلين اميريڪي ڊالرن تي پهتي ۽ سرڪار لاءِ چتاءُ بڻجي پيئي. اِنڪري ڀارت کي، چين کي ڄاڻائڻو پيو ته ايتري کوٽ برداشت ڪري نه سگھبي. ڀارت سرڪار صحيح قدم کڻندي چين کي چيو ته ڀارت مان زرعي مال خريد ڪرڻ جو بندوبست رکو. سفارتي ڪوششون هاڻي اثر ڏيکارڻ لڳيون آهن واپاري کوٽ گھٽجي پيئي ۽ اپريل کان آڪٽوبر واري عرصي دوران ڏٺو ويو ته واپاري کوٽ اڳُ واري سال ۾ 36 بلين اميريڪي ڊالرن جي ڀيٽ ۾ هِن ڀيري 33 بلين ڊالرن جي هئي.

ڀارت، ساگر مالا واري رٿا هيٺ جيڪا بندرگاھن جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ورتي آهي اُن سان پڻ عالمي مارڪيٽن ڏانهن روانگيءَ جي سهوليت ٿي آهي. ڀارت جي اولھ ايشيائي، اي.ايس.اي.اي.اين (ايسوسيئيشن آف سائوٿ ايسٽ ايشين نيشنس)، يورپي ۽ مرڪزي ايشيائي ملڪن ڏانهن زرعي مال جي روانگيءَ لاءِ نيون راهون کليون آهن. هاڻي اُتر اوڀر ڀارت مان اناناس اولھ ايشيائي ملڪن ڏانهن وڃڻ لڳا آهن. چين ۽ آسٽريليا ڀارت مان انگور گھرائڻ تي منظوري ڏني آهي. ڀارتي واپاري ڄمائي يخ ڪيل ڀاڄيون به ايڪسپورٽ ڪرڻ تي به ڌيان ڏيئي رهيا آهن. ڊيئري ۽ مڇين جي پئداوار به روانگي واپار کي وڌايو آهي

اِن طرح، ڀارت مان زراعت جي بنياد واري مال جي روانگي وڌندڙ آهي. اِها به حقيقت آهي ته خانگي ڪمپنيون زرعي مال جو معيار وڌائڻ تي به سيڙپون ڪري رهيون آهن. سرڪار به اِن ڏس ۾ فوڊ پارڪ ۽ ڪولڊ اسٽوريج وغيره جھڙيون گھڻيون ئي سهولتيون وڌائي رهي آهي

ڀارتي زرعي مال جي چين ڏانهن روانگيءَ ۾ شاندار واڌ ڏيکاريو آهي ته موقعا ملن ته اُنهن کي پُختگيءَ سان جھٽڻ گھرجي

تحرير : منيش آنند

ترجمو : هيرو ٺڪر