ايران ۾ 27 انقلابي نگراني ڪار آپگھاتي حملي ۾ مارجي ويا

ڏکڻ اوڀر ايران ۾ هڪ آپگھاتي حملي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 27 انقلابي پهريدار مارجي ويا. تيرهان ٻيا زخمي پڻ ٿيا آهن

بمباز، پاڪستاني سرحد ويجھو سيِستان ‐ بلوچستان پرڳڻي ۾، انهن پهريدارن کي کڻي هلندڙ بس کي نشانو بڻايو

پهريدارن، هڪ بيان ۾ چيو ته حملو اُن وقت ٿيو، جنهن وقت فوجي، سرحد تي پهريداريءَ واري ڪم تان واپس موٽي رهيا هئا

سُني مسلمانن جي جيش‐ال‐عدل نالي گروپ ان حملي جي جوابداري پاڻ طرف ڇڪي آهي