ڪيوبا آگاھ ڪيو آهي ته اميريڪا شايد انسانيت جي بهاني وينيزوئلا ۾ دخلاندازي ڪري

ڪيوبا آگاھ ڪيو آهي ته اميريڪا شايد انسانيت جي بهاني وينيزوئلا ۾ دخلاندازي ڪري، اِن ڳالھ کي ڌيان ۾ رکندي اهڙي منظر کان بچڻ لاءِ هُن بين الاقوامي ڪوششن لاءِ سڏ ڏنو آهي

ڪيوبا جي سرڪار ٻُڌر ڏينهن چيو ته اميريڪا انساني مسئلو پئدا ڪري اُن بهاني وينيزوئلا جي خلاف فوجي حملو شروع ڪري سگھي ٿي

بيان ۾ چيو ويو آهي ته اميريڪا فئبروري ڇھ ۽ ڏھ جي وچـ۾ پيورٽوريڪو، ڊومينيڪن ريپبلڪ ۽ ٻين ڪيرابيائي ٻيٽن ڏانهن اميريڪي فوجي هوائي جھاز ۽ اميريڪي فوجون مڪاني سرڪارين جي منظوريءَ کانسواءِ روانو ڪيا آهن

ڪيوبا، واشنگٽن تي تهمت هئين آهي ته اُهو ٻين سرڪارين تي دٻاءُ آڻي، اُنهن کي وينيزوئلا ۾ نين صدارتي چونڊن جي پُٺڀرائي ڪرڻ ۽ عارضي صدر جُئان گوائيڊو کي تسليم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو وينيزوئلا جي قومي اسيمبليءَ جو اڳواڻ آهي