فرانس متحد جماعت جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت لاءِ دائمه جڳھ جي وري  حمايت ڪئي

فرانس متحد جماعت جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت لاءِ دائمه جڳھ جي وري  حمايت ڪئي آهي

فرانس جنهن سلامتي ڪائونسل جي مارچ واري صدارٿ هموار ڪئي هئي تنهن وسيع ڪائونسل ۾ ڀارت، جرمني ۽ جاپان کي دائمه طور ٿاڦڻ جي حمايت ڪئي

متحد جماعت جي دائمه عيوضيءَ فرانڪوئا ڊيلاتري اخبار وارن کي ٻڌايو ته طاقتور متحد جماعت ۾ ٻنهي دائمه ۽ غير دائمه ميمبرن جي عدد ۾ واڌ متحد جماعت جي سڌارن لاءِ اهم قدم آهي

هُن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي وسيعت هڪ نهايت ئي اهم سڌارو آهي ۽ اها ڳالھ سندن سفارتڪاريءَ جي اڳياريءَ واري فهرست ۾ آهي

ڀارت، برازيل، جرمني، جاپان سان گڏ گھڻي وقت کان متحد جماعت جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ سڏ ڏيندو رهيو آهي ته هُن کي سلامتي ڪائونسل جو دائمه ميمبر بڻجڻ جو حق آهي

فرانس، جيڪو 15 ميمبرن واري سلامتي ڪائونسل جو ويٽو ڪم آڻيندڙ دائمه ميمبر آهي هُن گذريل مهيني اميريڪا ۽ برطانيا سان گڏ سلامتي ڪائونسل ۾ وري رٿ رکي ته پاڪستان ۾ مقيم دهشتگرد گروپ جئشِ محمد جي سربراھ مسعود اظهر کي بينالاقوامي دهشتگرد ڪري ڄاڻايو وڃي